شهري بچاءُ

شهري بچاءُ (Civil Defence): شهري بچاءَ، وسيع پيماني تي هنگامي حالتن کان پهريان، هنگامي حالتن دوران يا هنگامي حالتن کان پوءِ جلد شهرين جي حياتي، انهن جي مال ملڪيت، جڳهن ۽ معاشي ذريعن جي حفاظت لاءِ منظم تياري وارو هڪ ادارو آهي. هي ادارو دنيا جي ڪافي ملڪن سان گڏ پاڪستان ۾ به موجود آهي. هن اداري جي ڪمن ۾ رضاڪارن جي تنظيم سازي ۽ تربيت شامل آهي. هنگامي حالتن جي ڄاڻ جو بهتر نظام، عارضي پناهه ڏيڻ، کائڻ پيئڻ ۽ دوائن جو ذخيرو ڪرڻ ۽ باهه وسائڻ وارا ڪم به شهري بچاءَ وارو ادارو ڪري ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو